سيد نظام الدين شاهه امروٽي مولانا

سيد نظام الدين شاهه امروٽي، مولانا: مولانا سيد نظام الدين شاهه ولد سيد صوفن شاهه ڳوٺ ديواني، لڳ پريالوءِ، ضلعي خيرپورميرس ۾ پيدا ٿيو. سيد نظام الدين شاهه امروٽي جي تعليم ۽ تربيت مولانا سيد تاج محمود امروٽيءَ جي نگرانيءَ هيٺ ٿي. شروع ۾ پنهنجي والد سيد صوفن شاهه وٽ پڙهيو ۽ بعد ۾ تاج محمود جي استاد مولانا محمد قاسم امويءَ وٽ به پڙهيو. امروٽ شريف ۾ تعليم حاصل ڪرڻ کانسواءِ پاڻ مدرسه دار الارشاد پير جھنڊي ۾ مولانا عبيدالله سنڌيءَ وٽ به پڙهيو. مولانا سيد نظام الدين شاهه مولانا تاج محمود امروٽيءَ جو رشتي ۾ ڀائٽيو هو. مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي وفات بعد 29 نومبر 1929ع تي درگاهه امروٽ شريف جو پاڻ سجاده نشين بڻيو. پاڻ طبيعت جو سادو هو، سخاوت ۽ غريب نوازيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. هو درگاهه تي ڪهي آيل پانڌيئڙن جي بنا ڪنهن امتياز جي خدمت ڪندو هو. مولانا سيد نظام الدين شاهه امروٽيءَ ٽي شاديون ڪيون، جن مان کيس مولانا سيد محمد شاهه امروٽيءَ سميت ٽن نياڻين جو اولاد پڻ ٿيو. هن پنهنجي سڄي ڄمار دين جي خدمت ۽ سنت نبوي جي پيرويءَ ۾ گذاري.


هن صفحي کي شيئر ڪريو